اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ?? مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، فضل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين و??ٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنه?? وڪرو ڪيو. صدارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدا?? آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز سميت ڪيترن ئي پارليامينٽرين و??ٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل الرحمان جو ووٽ مون کي ملندو. هن چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.