ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي ??اء?? لازمي آهي، ڪم ڪار وارين جاين تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو پ??هن??و صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز فيڊريشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وفد پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فيڊريشن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي ??اء?? نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ??اء?? تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي ??اء?? لازمي آهي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پ??هن??ون صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حوالي سان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تازن سالن ۾ روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا قانون ۽ بهتر ماحول روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافي جو سبب آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنال??جي جي شعبي ۾ نوڪريون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي ??ڏي صلاحيت آهي، فيڊريشن انفارميشن ٽيڪنال??جي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. ص??ر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ قبوليت جي ??اء?? نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگرام کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي فيڊريشن جي ڪوششن کي ساراهيو.