اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائين پهچي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون صارفين جو ??نگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ته هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صارفين جو ??نگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستا?? ۾ ??وبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.