اسلام آباد – 05 ?? فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خ??ن ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي 10 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايو?? اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لا??ِ دعا ڪئي.