ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ?? عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم ج?? وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ?? عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.