صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ??يجهو آهن، اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي، علم جي ڪري حضرت آدم عه کي فرشتن تي فوقيت ملي، غلام اسحاق خان انس??يٽ??وٽ آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪئمپس پوري پاڪستان ۾ هجڻ گ??رج??. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انس??يٽ??وٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ??وپي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته مون پهريون ڀيرو هن اداري جو دورو 90ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪيو هو. هن اداري کي بهترين ڏٺو. هن انس??يٽ??وٽ قائم ٿيڻ جي خواب جن ماڻهن ڏٺو هو انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙي قسم جي ادارن جو قائم ٿ??ڻ پاڪستان جي ??قصدن ۽ هدفن جو حصو آهي جنهن جي ??اءِ پاڪستان جي تخليق ٿي. پاڪستان اهڙن ئي ادارن جي ??ائم ٿيڻ جي ??اءِ وجود ۾ آيو هو ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي ??ستقبل کي اهڙا موقعا فراهم ڪري سگهون جتي اهي نه رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي ??اءِ بهتري ڪري سگهن پر دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ غلام اسحاق خان انس??يٽ??وٽ جي طرز تي وڌيڪ ادارا هجڻ گ??رج??. هن چيو ته حضرت آدم عه کي علم جي ڪري ئي فرشتن تي فوقيت ملي. اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. غلام اسحاق خان انس??يٽ??وٽ جي ذريعي پاڪستان دنيا ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي. هن چيو ته هن اداري جا ڪئمپس سمورن صوبن ۾ هجڻ گ??رج??. شروعاتي طور تي اسلام آباد ۾ ان جي ڪئمپس جي ??يام جي تجويز غور هيٺ آهي. اسان ان جي ??اءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي. هن چيو ته ڪائنات ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جيڪا هڪدم ختم ٿي وڃي، ان ۾ تخليق جو عمل جاري رهي ٿو. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جو نوجوان نسل مستقبل جي ??يادت آهي.