اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊون منعقد ٿيڻ تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، 9 مئي کانپوءِ رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، اهو رڳو الزام آهي، نگران حڪومت قومي معيشت بهتر بڻائڻ جي لاءِ محدود مينڊيٽ ۾ رهندي جيڪو ممڪن آهي، ڪري رهي آهي، باقي ڪم ايندڙ حڪومت ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”انڊپ??نڊ??ٽ اردو“ کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي م??ڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون، ان حوالي سان قوم کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. نگران وزير??عظ?? ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون ٿينديون، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزير??عظ?? چيو ته ماڻهو مختلف سياسي تجزيا پيش ڪندا رهندا آهن، ڪنهن اڳواڻ جي م??بوليت ڪيتري آهي ان جو اندازو عام چونڊن ۾ ٿي ويندو. اڳوڻي وزير??عظ?? عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزير??عظ?? چيو ته اڃا تائين ان تي ڪا پابندي نه آهي. مستقبل ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي ان بابت هو هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهي. في الحال اڳوڻو وزير??عظ?? چونڊون وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي مبينا گمشدگين، منظرعام تي اچڻ ۽ سياست ڇڏڻ جي اعلانن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزير??عظ?? چيو ته 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو روپوش ٿي ويا، ان روپوشي دوران ڪنهن غور فڪر جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست ڇڏي ڏيڻ، انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي. ان بابت هو ڪجهه چوڻ کان قاصر آهي جڏهن ته هن واضح ڪيو ته انهن سان رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، نه ئي ڪنهن رياستي ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي، اهو رڳو الزامن جي حد تائين آهي. نگران وزير??عظ?? ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جي الزامن کي به رد ڪيو. نگران وزير??عظ?? نگران حڪومت جي قومي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت وٽ هڪ محدود مينڊيٽ آهي ۽ ان ۾ رهندي هو جيڪو ڪم ڪري سگهندا، ڪندا، باقي ڪم ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڇڏي ويندا. پي آئي اي جي نجڪاري جي پٺيان مخصوص عنصرن جي هجڻ بابت سوال تي نگران وزير??عظ?? چيو ته اهي سازشي م??روضا آهن جن جي ڪري م??ڪ هن حالت تائين پهتو آهي. نجڪاري جي لاءِ ماهر صلاحڪار مقرر ٿيو آهي ۽ بهترين طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن جي 50 سالن کانپوءِ به آڊٽ ٿي سگهندي. نگران وزير??عظ?? پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪيو ته حڪومتون ڪاروبار ناهن هلائينديون.