اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئ??ن، قانون ۽ جمهوريت جي ا??ولن سان گڏ بيٺل آهيان، بل تي سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندو، ان جو احترام ڪنداسين. سينيٽ جي ا??لاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023ع پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران ??ڪو??ت پاران بل پيش ڪرڻ تي ا??تراض ڪيو. جنهن تي ا??لاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آهي ۽ سڄي زندگي آئ??ن ۽ قانون سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪري ان جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته بل جي تياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ جي ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي ??ڪو??ت جي دور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ڏنو ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئ??ن حاضر ٿيو آهيان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندا آئ??ن ان جو احترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري نوعيت جو معاملو نه آهي ته ان کي چونڊيل ??ڪو??ت جي اچڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته قومي ا??يمبلي موجود نه آهي، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ جيڪو به فيصلو توهان ڪندا ان جو احترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان معاملي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.