اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ??رغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اه?? بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي ??عا??ن جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.