راولپنڊي -16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاص?? منير سان عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊر ميجر جنرل مطر بن سالم بن راشد البلوشي ملا??ات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق ملا??ات ۾ عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. جي ايڇ ڪيو آمد تي عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊر شهيدن جي يادگارن تي گلن جي ??اد?? چاڙهي، پاڪ فوج جي چست جٿي عمان جي رائل آرمي جي چيف جي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.