باڪو – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي اڄ اڱاري ڏينهن ميزباني ڪندو، نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اجلاس ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيج??ن جي شهر شوشا ۾ ٿيندو. آذربائيج??ن جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اي سي او جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪت ??ندا. نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 9 کان 10 آڪٽوبر تائين آذربائيج??ن جو سرڪاري دورو ڪندو. نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم) کي خطاب ڪندو ۽ تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزارتي ڪائونسل اي سي او جي پاليسي سازي فورم طور تي تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پل??ن جي منظوري ڏي ٿي. 27 هين سي او ايم ۾ ميمبر ملڪ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تنظيم ۽ سماجي، ثقافتي، فني ۽ سائنسي شعبن ?? گڏيل تعاون جي ذريعي اي سي او خطي جي پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال جي تقريب جو موضوع ”گرين ٽرانزيشن ۽ انٽر ڪنيڪٽيويٽي“ هوندو.