اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪانفرنس دوران کانئس پڇيو ??يو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ا??اف?? ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي مون واضح طور تي چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي ??عي?? عالمي مارڪيٽ جي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير واضح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو اوگرا جو اختيار آهي ?? اوگرا ئي واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاق?? وزير چيو ته هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ??يو آهي. هن چيو ته اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.