نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ اميد ظاهر ڪئ?? آهي ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ?? پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو، حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پ??چا??ڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ مالياتي شموليت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ?? پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پ??چا??ڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقلي کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئ??. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ نگران حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وائرس جي منتقلي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريقن کي سگهه ڏيڻ ۾ نگران وزيراعظم کي حمايت جو يقين ڏياريو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ماليات ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.