اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پا??ستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پا??ستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود اس??قامت سان ترقي جو سفر ج??ري رکيو. اهڙو اظهار هن هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريسورس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ ريڊيو پا??ستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سفر ج??ري آهي، ريڊيو پا??ستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته اس??ن ريڊيو پا??ستان جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيا آهيون، ڊي آر ايم ٽرانسميٽر لڳائڻ سان ريڊيو پا??ستان جي نشريات سڄي ملڪ سميت پا??يسري ملڪن تائين دستياب هوندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي سبب ريڊيو پا??ستان جي آپريشنل لاڳت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي، ان ٽيڪنالاجي مان هڪ ٽرانسميٽر ڪيترن ئي پروگرامن جي رسد ڪندو، جڏهن ته ان سان بجلي جي اس??عمال ۾ پڻ بچت ٿيندي، هن چيو ته بهترين معيار جي آڊيو سگنلز کانسواءِ ڊي آر ايم ٽرانسميٽر ايمرجنسي وارننگ سسٽم سان به ليس آهن جيڪي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي الرٽ به جاري ڪري سگهندا، اهڙي طرح ڊاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي آفت سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين کي ڪاميابي سان ??نج??م ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته پا??ستان ۾ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي لڳائڻ ۾ تعاون تي ڊي آر آيم ڪنسوريشم خاص ڪري چيئرپرسن رڪزيندر اوبرريجا جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڊي آر ايم ڪنسوريشم جي مسلسل تعاون ۽ ريڊيو پا??ستان جي انتظاميه ۽ انجينئرز جي گڏيل ڪوششن مان اميد آهي ته ويجهي مستقبل ۾ ڊجيٽل رول آٽ مڪمن ٿيندو. هن چيو ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊيو پا??ستان جا 76 سالن جو شاندار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿيندو. نگران وفاقي وزير ريڊيو پا??ستان جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي آر ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي کي ان جي پختي جذبي، محنت ۽ لگن تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته انهن جي محنت، لگن عيوض هڪ خواب حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.