اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران و??يراعظم سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. نگران و??يراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ??وش?? ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.