اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن س??ن جگر جي ڪينسر جي وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. ??در اها ڳالهه هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏ??نهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏ??نهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. ??در پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هيپاٽائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏ??نهن ملهائي رهيا آهيون، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ??يو??، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هيپاٽائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر هيپاٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اس??ن جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آهي، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ??يو?? ٿين جيستائين ان س??ن جگر کي شديد نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جگر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اس??ن جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪريننگ ڪريون ۽ هيپاٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن س??ن جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ??ن جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. ??در چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏ??نهن تي اسان هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ??در چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهو??تن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي هيپاٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.