اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئيڊن ۾ هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ??ل ڏکوئيندڙ واقعي تي اڄ جمعي نماز کانپوءِ سڀ پاڪستاني پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن مجيد جي ح??مت جي معاملي ت?? سڄي ق??م هڪ آهي. سوئيڊن واري واقعي ت?? سڄي مسلمان امت چڙ ۾ ورتل آهي. هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڏکوئيندڙ واقعي تي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قرآن تقدس ڏهاڙي جي عنوان سان اڄ اسان سڀ هڪ آواز بڻجي ملڪ گير احتجاج ڪنداسين ۽ جمعي نماز کانپوء?? پاڪستاني قوم مسلمانن جا سمورا طبقا ناموس قرآن جو جهنڊو کڻي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ته قرآن اسان جي دل ۾ آهي، قرآن اسان جي لاءِ جيئڻ جو ذريعو آهي.