پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اها ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي لا??ِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ملاقات ?? ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي فروغ لا??ِ حصيداري عم?? وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.