اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي س??ڪاري دوري تي ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم کي ترڪيه روانو ٿيڻ وقت رخصت ڪيو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ان جي تازي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چوندجڻ تي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ترڪ??ه ۾ ترڪ سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي س??ن پڻ ملاقاتون ڪندو.