اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري دو??ي تي اسلام آباد ۾ آهي. دو??ي دو??ان پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ??ي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته ايٿوپ??ا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپ??ا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چ??و ته ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چ??و ته ايٿوپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر جي دو??ي جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته وفد ۾ ايٿوپ??ا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وز??ر ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.