اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سز??ئن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سز??ئن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سز??يافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سز??ئن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سز??ئن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀا??ي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهن??ي هڪ ڀا??ي ٽي سز?? ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سز?? ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سز??ئن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.