اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري ??ي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري ??ياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري ??ي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي، اي پي سي اسلام آباد ?? ٿيندي. سمورن سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ دفاع واري ??ڳوڻي وزير پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي وزيراعظم پاران عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت پهچائي. جڏهن ته وزيراعظم سڀاڻي پش??ور ?? ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي پاٽي جي نامزد نمائندن جي نالن کان آ??اهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينج??ز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري ??ي پش??ور پوليس لائينز جي مسجد ?? ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.