اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف 8 ڀيرا عالمي چيمپيئن ۽ 6 ڀيرا برٽش اوپن چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪندڙ جان شير خان کي زبردست خراج ??حس??ن پيش ڪندي چيو آهي ته توهان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي، ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ ??ڳو??ي عالمي چيميئن جان سير خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزير??عظ?? جان شير خان کي زبردست خراج ??حس??ن پيش ڪندي چيو ته توهان ۽ توهان جي خاندان پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دن??ا ۾ روشن ڪيو، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزير??عظ?? چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڪوائش سميت سمورين راندين جي فروغ جي لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ??ڳو??ي عالمي چيمپيئن جان شير خان وزير??عظ?? کي اسڪوائش جي فروغ لاءِ پنهنجي تازين سرگرمين بابت آگاهه ڪيو جن کي وزير??عظ?? ساراهيو. جان شير خان هن وقت اسڪوائش جي نوجوان رانديگرن کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.