اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تخت بيگ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي جي سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پولي?? اهلڪارن جي شهادت تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، دهشتگرد، انهن جا سرپرست ۽ سهولتڪار سزا کان بچي نه ٿا سگهن، بهادر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوليس جي جوانن جي وطن جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري شهيد پولي?? اهلڪارن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.