اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀ??يل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صدر جي ??ري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قاتلاڻي حملي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان جي ٽنگ ۾ ڪجهه گوليون لڳڻ سان هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀ??يل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان ??ي ۽ س??ورن زخمين کي صحت عطا فرمائي.