ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائ??ن ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائ?? وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائ?? وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چي?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئ?? وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چي?? ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 ل?? 12 ??زار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏن?? وئي آهي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چي?? ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائ?? وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.