اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي انفارميشن سينٽر ۾ (اڄ) سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظرثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبي 2022ع جي جاري ڪرڻ بابت بريفنگ ڏن?? ويندي جنهن جو انتظام يو اين پاڪستان ڪيو آهي. بريفنگ ۾ سڌ سماءَ وارن ذريعن کي ن??ر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس پلان 2022ع بابت تفصيلي آگاهي ڏن?? ويندي. گڏيل قومون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن جي بهالي لاءِ ن??ر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبو جنيوا ۾ جاري ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ نظرثاني ٿيل اپيل تي توجهه ڏن?? ويندي جنهن جي شروعات جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ وقتي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر ۽ خوراڪ جي ع??لم?? اداري جو نمائندو ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪرس ڪ??ئي، گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو فيلڪس اومونو ۽ ٻيا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.