اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا ??رويز اشرف ۽ ڊپٽي اس??يڪر زاهد اڪرم دراني دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي ملڪ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ پاڪ فوج جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو مثال نه ٿو ملي، پوري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي ۽ قوم پاڪ فوج جي انهن عظيم ??وانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جو سينو تاڻي مقابلو ڪي?? ۽ ملڪ جي عزت تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ اس??يڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي 1965ع جي انهن عظيم ??هيدن جي ياد ڏياري ٿو جن ڀارت جي ڪڌن ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪي?? ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. اس??يڪر ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پاڪ فوج جي موجودگي ۾ ڪو دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي اس??يڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته دفاع جو ڏهاڙو انهن عظيم قربانين جي هڪ لازوال داستان آهي جيڪا 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ملڪ جي لاءِ وڙهندي پيش ڪئي. هن چيو ته مستقبل ۾ به جڏهن ملڪ تي ڪو مشڪل وقت آيو ته پوري قوم 1965ع جي جنگ وانگر پنهنجي فوج سان گڏجي دشمن جو مقابلو ڪندي. هن 1965ع جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پنهنجي فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن تي فخر آهي.