اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت برساتن ۽ ٻو?? سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ ??ي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻو?? جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبرن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، سينيئر حڪومتي ميمبرن، اين ڊي ايم اي چيئرمي ۽ ڊي جي موسميات کاتي شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت برسات ۽ ٻو?? کان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي فوري طور تي 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻو?? متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي مفادن کان مٿانهون ??ي عوام جي مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هينئر انهن ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ جو وقت آهي جيڪي سخت مشڪل ۾ آهن، ٻو?? کان متاثر علائقن جي دورن دوران مون اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ڳالهه ڪئي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ان تمام وڏي چئلينج کي منهن ڏئي سگهون. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ ??ي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات و??ري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ مواصلات و??ري وزارت جي سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ ??ي لاءِ پنهنجون تجويزون ??يش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾، وچولي مدي کان ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون ??ستنند معلومات تي ٻڌل رپورٽون ??فاقي حڪومت کي موڪلين ته جيئن ٻو?? ۽ ٻرساتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو جلد کان جلد ڪاٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کي موسمياتي تبديلي جي ترجيحن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻو?? ۽ برساتن جي نقصانن کان بچي سگهجي. وفاقي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽين ٻو?? سٽيل علائقن جي دورن کانپوءِ اجلاس کي بريفنگ، ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.