ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گوڏا کوڙڻڻا پوندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا تسليم ڪري ورتو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪ جي قيادت مقامي نوجوان ڪري رهيا آهن. آزادي جي تحريڪ وقت گ??رڻ سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. احمد حسين ڊيهڙ چيو ته ڀارتي ??ڪومت رياست جي آبادي جي شڪل ۽ ڀارت ۾ اقليتي ??رادرين جي حقن کي تبديل ڪرڻ جي گمراهه ڪندڙ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ي??رپ ۽ اتر آمريڪا جي ڪيت??ن ئي ملڪن جي پارليامينٽن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڀارتي ??لمن تي ??حث ٿي رهيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ عوامي حمايت ڪشميرين سان گڏ آهي. هن چيو ته دنيا ان ڀارتي ??يانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو سرحد پار کان رياستي ??هشتگردي جو شڪار آهي پر وڏي پئماني تي ??سليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي جنهن ۾ ڀارت جي سرپرستي ??ه شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۾ ساراهه جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.