اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سا?? دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته م??صوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي دشمن?? کي سختي سا?? منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ??رم??ئي ۽ گهرڀاتي?? کي ان ناقابل تلافي نقصا?? کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا ??رم??ئي.