ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ان??اف ۽ ق??نو?? موجب حل ڪرڻ جي ڪ??شش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچ??اڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. وزيراعظم خضدار ڪچ??اڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪ??اليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته پري ڪ??اليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪ?? ڪن، انهن کي صلاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام ??هڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي خوشين ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خضدار ڪچ??اڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ان??اف ۽ ق??نو?? موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ??لائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي سان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي سان ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ڇڏينداسين.