اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پاڪستان آسٽريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آسٽريا پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي ??طح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??مڪانن، علائقائي ۽ عالمي م??املن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي ??ورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چيو ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??ع??ون جي ??مڪانن تي م??ڪو?? رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ دوري تي آيل واپارين جو وفد تع??ون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي ??رض سان پنهنجي پاڪستاني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ڳالهيون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي ??هڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي ??لاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي ??واب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڳالهين جي م??بت نتيجن جي ??ميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي م??لي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي ??ورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جا يوڪرين سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي ??لائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پاڪستان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي ??نياد تي يوڪرين کي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي م??يشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته هو 20 ميمبرن تي م??تمل واپارين جي وفد سان گڏ آيو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي ??هڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي م??مت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي ??هرين جي واپسي ۾ تع??ون تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??جلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته يوڪرين جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پ??ما??ي تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.