اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبق?? جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻه?? جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا ر??ڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انه?? کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.