اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ت??جم??ن آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪر?? رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪر?? تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ڪر??شن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪر??شن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مخ??لف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مخ??لف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.