اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽي??نالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽي??نالاجي زون اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڏن شهرن ۾ آءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي زون ٺهي رهيا اهن، ان مقصد جي لاءِ حڪومت اي?? او سي هاصل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بورڊ آف گورنرز اسلام آباد ۾ مختلف ٽي??نالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽي??نالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي فروغ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪ??ي ته ٽي??نالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن جن ۾ رجسٽرڊ ٽي?? اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي لاءِ ٽي??س ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽي??نالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قدم شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري و??اقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين، توانائي واري و??اقي وزير حماد اظهر، صنعت واري و??اقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسپيشل ٽي??نالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪ??ي.