اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پر??يهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پر??يهي سي??ري??ري سهيل محمود، پر??يهي اسپيشل سي??ري??ري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پر??يهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ وا??نگ??ن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به ??جلاس ۾ شرڪت ڪئي. پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پر??يهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پر??يهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.