اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حب??ب سرڪاري خابرو اداري اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعز??تي بيان ۾ هن چيو ته ماءُ جهڙي عظيم رشتي جو ڪو به نعم البدل نه آهي، ان گهري صدمي ۾ اسان مبشر حسن ۽ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، فرخ حب??ب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مبشر حسن جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان ک?? صبر ۽ جميل عطا ڪري.