چاغي – 04 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان بلوچ اس??وڊنٽس آرگنائيزيشن پجار جي صوبائي سينئر نائب صدر شفقت ناز بلوچ ملاقات ڪئي. پي ايس او پجار پاران کان جاري ڪيل پريس رليز جي اس??ام آباد ۾ س??نيٽ چيئرمين جي آفيس ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ شفقت ناز بلوچ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي پنجاب ۾ تعليم هيٺ بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شاگرد ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا معمار آهن، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قوم جي ترقي جو ??از تعليم ۾ آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين.