اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ ??ائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صح?? سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ ??ائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صح?? سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جو صح?? وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صح?? واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ ??روسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر ??شرف خواجه، پنجاب هيلٿ ??نيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ ??ائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين جي لاءِ صح?? سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان علاج جي لاءِ مفت هيلٿ ??نشورنس فراهم ڪئي ويندي. صح?? ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج جي لاءِ ب??ن الصوبائي ۽ ب??ن الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.