اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن ??هر??ن کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وز??را??ظم عمران خان جو رول ماڊل آهي، وز??را??ظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. ه?? چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قو?? جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باباءِ قو?? جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.