اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلف?? بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پ??هن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان کي ان ٽوئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذلف?? بخاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پ??هن??ي معافي نامي ۾ ريحام خان چيو ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پ??هن??ي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پ??هن??ي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غلط ?? ڪوڙا هئا. ريحام خان پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذلف?? بخاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غلط ?? ڪوڙا هئا. هن ذلف?? بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.