اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت ج?? لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عرب سان اسان جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، ??زي??اعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آه??، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اهڙي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت ج?? بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آهي ته ڪهڙي طريقي سان هنن سعودي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عرب سان لاڳاپا هموار ٿيا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل ??نڊ??ا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ جڏهن آل ??نڊ??ا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل ??نڊ??ا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئ??، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل ??نڊ??ا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آه??، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي لاڳاپا قائم ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي تاريخ آه??، هن چيو ته ??زي??اعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي لاڳاپا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته ??زي??اعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.