اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪ??ري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪ??ري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميد??ري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختي??ر ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي تو??نائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪ??ري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.