اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحري معاملن واري وزارت تي ملڪي ماهيگيري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا درپيش آ??ن، پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضا??طي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ??ئي وڃي. اهڙن خيالن جو اطهار هن هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي اونهين پاڻي ۾ ماهيگيري جي تجويز ڪيل پاليسي تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، بحري معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بحري معاملن واري وزارت ملڪي ماهيگري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي. گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا درپيش آ??ن، هن چيو ته پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضا??طي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ??ئي وڃي، ماهيگيري جي شعبي جي ترقي جو مقصد پرڏي??ي ناڻو ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.