اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ جو ح??م ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب بلوچستان صوبي ج?? عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صوبي ج?? دورو ڪرڻ جو ح??م ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ب??وچستان صوبي وڃن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن، اداري بابت م??املا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.