اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع ج?? لاءِ احساس ڪفالت جي ايندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندي، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح سان سڀئي ت??ار??ون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ۾ بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ايم ٽي ايمز جي ذريعي رقم ڪڍرائڻ ج?? معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت ت??ار??ن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ايل برانچ جو دورو ڪيو، هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي اي ٽي ايم جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ ج?? طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو، هن ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ايڇ بي ايل ڪهڙي طرح غريب طبق?? لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آ??ي.