اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي تاريخي دوستي وارن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ئي ٿو. افغانستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀني سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آهيون. اهڙو اظهار هن افغان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ افغان پارلياماني وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ مل??قا?? دوران ڪيو. مل??قا?? ۾ ٻه طرفن?? پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپ??ر ۽ خطي جي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.