اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ عقيل ڪريم ڊيڊي هتي ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ عقيل ڪريم ڊيڊي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪن??ي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعتي عمل جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن ۽ پ??ليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿي?? آهي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا ج?? صورتحال ۽ سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن کانپوءِ ڪاروباري سرگرميون بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته ڪاروباري برادري جي سهولتڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي سرپرستي سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا.